- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ تحريڪ انصاف باني جي گهرواري بشريٰ بي بي جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي بابت درخواست منظور ڪندي کيس اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت گذريل هفتي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ بشريٰ بي بي کي بني گالا سب جيل ۾ رکڻ بابت 31 جنوري جو چيف ڪمشنر اسلام آباد جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست داخل ڪرائي هئي، جيل اختيارين جيل ۾ گنجائش نه هئڻ ۽ سڪيورٽي اشو سبب منتقلي نه ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو هو.- Advertisement -
