- Advertisement -
پريالوءِ ويجهو چوري جي پراڻي معاملي تان هٿياربندن گوليون هڻي ٻن نوجوانن کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.
فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ۾ هٿياربندن نوجوان ثناءُ الله پٽ نصير احمد ڄامڙو ۽ پورهيت عبدالشڪور پٽ نظير ڄامڙو کي ڳوٺ ٻاهران بچاءُ بند وٽ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته فاروق ڀنگر ۽ پپن عرف راجا ڀنگر سندن نوجوانن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.
ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
