پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وزيراعظم شهبازشريف آڏو ملڪ ۾ مهانگائي، بجلي جي واڌو بلن وارو معاملو اٿاريندي پنجاب ۾ پ پ کي نظرانداز ڪرڻ جي شڪايت ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداريءَ وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شيري رحمان، نويد قمر، راجا پرويز اشرف، ن ليگ اسحاق ڊا ۽ راڻا ثناءُ الله به شامل هئا.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته هو به ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو چاهن ٿا، حڪومت عوام دوست پاليسيون بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
بلاول ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي.
ملقات دوران پيپلزپارٽيءَ پنجاب ۾ لکت ۾ ٿيل معاهدي تي عمل نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت پ پ کي مسلسل نظرانداز ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽين جو اجلاس آچر ڏينهن گورنر هائوس ۾ گهرايو ويو آهي، جنهن ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ معاملا طئه ڪيا ويندا.
بلاول ڀٽو زرداريءَ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، پنجاب ۾ پ پ کي نظرانداز ڪرڻ جي شڪايت ڪئي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6
°
C
19.6
°
19.6
°
13%
2.5m/s
0%
خميس
18
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


