تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري جي امير بخش ڀٽو سان تعزيت جو مقصد سياسي خوف آهي : مرتضيٰ جتوئي

- Advertisement -
اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي امير بخش ڀٽو سان تعزيت جو مقصد سياسي خوف آهي. نوشهروفيروز ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 40 هزار کان وڌيڪ جتوئي برادري جا ووٽ آهن، ذوالفقار ڀٽو جونيئر ساڻن گڏجي پوي ٿو ته لاڙڪاڻي مان 70 سيڪڙو ڪاميابي ماڻيندا، ذوالفقار جونيئر ۽ فاطمه، ڀٽو خاندان جا اصل وارث آهن. سندس چوڻ هو ته ماڻهو ٿا چون ته بلاول ڀٽو زرداري هينئر ۽ 2018ع ۾ هارايو هو، هنن جي مهرباني سان اسيمبلي ۾ پهتو. اين پي پي سربراهه چيو ته اهي ڪوشش پيا ڪن ته جيڪي ماڻهو امير بخش ڀٽو سميت وچ ۾ ويٺا آهن انهن کي پاڻ سان ملائن. غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته 6 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ بعد ڪچو ٻڏي ويندو آهي، 7 لک تائين پاڻي پهتو ته بندن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. هن چيو ته هو راشد محمود سومري جا ٿورائتا آهن، جنهن پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني. اين پي پي سربراهه چيو ته جي يو آءِ منظم پارٽي آهي، سندن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي هر حڪومت گرفتار ڪرڻ کان لنوائيندي آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته هن هميشه نظرياتي ۽ اها سياست ڪئي آهي جنهن ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿئي. سندس چوڻ هو ته اين پي پي ۽ جي يو آءِ جا ڪجهه نظريا ملن ٿا، ٻنهي پارٽين جا پنهنجا الڳ الڳ منشور آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون