- Advertisement -
قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ عرب اسلامي ملڪن جو هنگامي سربراهي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جن ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم شهباز شريف دوحا روانو ٿي ويو آهي.
دفاع وارو وزير خواجا آصف، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان وفد ۾ شامل آهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي ميزباني ۾ پاڪستان شريڪ آهي، وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامي ملڪن جي هنگامي اجلاس ۾شرڪت ڪندو.
هن چيو ته اجلاس ۾ اسرائيل جي دوحا تي حملي بابت حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ اسلامي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا سربراهه ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.- Advertisement -
