بلوچستان جي آوران واري علائقي ۾  سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا

spot_img
بلوچستان جي آوران واري علائقي ۾  سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مشڪئي واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن جي ٿاڪن کي به تباهه ڪيو ويو جڏهن ته هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ پڻ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن  ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن ۽ استحڪام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر موجب، قوم جي سهڪار سان دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا………..

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
14%
2.5m/s
0%
اربع
18 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون