نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ملڪ جي ترقي ممڪن ناهي، حڪومت بلوچستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائي، زرعي ۽ صنعتي شعبي جي ترقي توڙي روزگار جي فراهمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪندي، نگران حڪومت ملڪي معيشيت جي ترقي ۾ بلوچستان جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ انفرا اسٽرڪچر، بجلي، پاڻي ۽ گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي قبائلي اڳواڻن ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ گورنر بلوچستان عبدالولي ڪاڪڙ ۽ نگران وڏو وزير علي مردان ڊومڪي به شرڪت ڪئي.
اڳواڻن طرفان انوار الحق کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.
نگران وزيراعظم سمورن قبائلي اڳواڻن جو ٿورا مڃيا ۽ علائقي جا مسئلا ٻڌا.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ سمورا وسيلا قطب آڻڻ جو عزم ڪيو.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ملڪ جي ترقي ممڪن ناهي، حڪومت بلوچستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائي، زرعي ۽ صنعتي شعبي جي ترقي توڙي روزگار جي فراهمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪندي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت ملڪي معيشيت جي ترقي ۾ بلوچستان جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ انفرا اسٽرڪچر، بجلي، پاڻي ۽ گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي