تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان جي شهر بارکان ويجهو هٿياربندن بس مان 7 مسافرن کي لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
بلوچستان جي شهر بارکان ويجهو هٿياربندن بس مان 7 مسافرن کي لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. بارکان جي علائقي رڙڪن ۾ هٿياربندن مسافر ڪوچ جي 7 مسافرن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. سڪيورٽي ذريعن موجب هٿياربندن قومي شاهراهه تي ناڪابندي ڪري مسافر ڪوچ کي روڪيو ۽ 7 مسافرن کي لاهي فائرنگ جو نشانو بڻايو، مسافر بس ڪوئيٽا کان فيصل آباد وڃي رهي هئي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هٿياربند جو انگ 10 کان 12 هو، مسافرن کي سندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي گاڏي مان لاٿو ويو. اسسٽنٽ  ڪمشنر بارکان موجب بس جي 7 مسافرن کي گاڏي مان لاهي قتل ڪيو ويو. هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي مسافرن جي قتل جي مذمت ڪندي چڌيو آهي ته دهشتگرد معصوم ۽ هٿين خالي ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا  آهن، امن دشمنن جا بزدلاڻي وار برداشت جوڳا ناهن ۽ ان جو سخت جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
23 %
1kmh
77 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون