- Advertisement -
سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽريفڪ مسئلن جو ذميوار نگران حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته نگران حڪومت جي نااهلي سبب ٽريفڪ جا مسئلا پيدا ٿيا آهن، چونڊيل حڪومتون ئي عوامي مسئلا سنجيدگي سان حل ڪري سگهن ٿيون، 2018ع جي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي، تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو، پ پ ٿرپارڪر ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪيا، پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ وهيڪل ٽيڪسي متعارف ڪرائي پئي وڃي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ملير ۾ بي آر ٽي بس جي نئين روڊ جو دورو ڪيو، جتي کيس پراجيڪٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بائيو گيس تي هلندڙ هي پهرين بس سروس هوندي، جيئن ئي نگران حڪومت ختم ٿي پ پ حڪومت پراجيڪٽ ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت جي نااهلي سبب ٽريفڪ جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو، اي وي بسن سان شهرين کي سهولت ٿيندي، سنڌ حڪومت اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي وي ٽيڪسي جون ڊرائيور عورتون هونديون.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي کي بچايو ته جيئن ملڪ کي بچائي سگهجي، اربن ايرياز ۾ ڪم شروع ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت گهربل هوندو آهي، پراجيڪٽ لڳ ڀڳ تيار آهي، 4 کان 5 ڏينهن ۾ روڊ کوليو ويندو.
هن چيو ته نگران حڪومت هڪ ڏينهن به دورو نه ڪيون، بسون پورٽ تي بيٺل رهيون، سندن دٻاءُ بعد بسون آنديون ويون، سنجيدگي عوامي حڪومت ئي ڏيکاريندي آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 21 لک ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي اهو ڪم به پيپلزپارٽي ڪري رهي آهي، نوان گهر ٺهي رهيا آهن، تحريڪ انصاف هڪ به منصوبو ملڪ کي نه ڏنو، 2018ع جي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي، پ پ ٿرپارڪر ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪيا.- Advertisement -
