- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي چئن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
سي ٽي ڊي ڳجهي تي خضدار جي علائقي ساسول ۾ ناڪابندي ڪئي، جنهن دوران سي ٽي ڊي اهلڪارن سان موٽرسائيڪل تي سوار 4 دهشتگردن جي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 4 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، ڌماڪيدار مواد ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون.
سي ٽي ڊي ذريعن موجب ماريل دهشتگرد افغانستان مان خضدار پهتا هئا.- Advertisement -
