- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون چيو آهي ته لبنان تي اسرائيلي حملا وچ اوڀر ۾ وڏي جنگي محاذ کي جنم ڏيڻ جي ڪوشش آهي، دهشتگردي جو وڏو سبب ڊگهي تڪرارن جو حل ۽ حق خود اراديت جو نه ملڻ آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ عثمان جدون چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانيون قربان ڪيون، پاڪستاني سرحدن تي ٻين ملڪن جي سرپرستي ۾ دهشتگردي تي ڳڻتي آهي.
سندس چوڻ هو ته عالمي برادري دهشتگردي بابت قدمن کي انساني حقن سان نه ڳنڍي، گڏيل قومن جي دهشتگردي ٽوڙ ڍانچي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون چيو ته دنيا اسلام کي دهشتگردي سان نه ڳنڍي، پاڪستان 2026ع ۾ عالمي دهشتگردي ٽوڙ حڪمت عملي جي نائين جائزي جي آجيان ڪري ٿو.- Advertisement -
