بلوچستان جي علائقي صحبتپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ ۽ نوجوان قتل

spot_img
بلوچستان جي علائقي صحبتپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ ۽ نوجوان قتل ٿي ويا. ملڪ محمد علي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد انور لانگو ۾ جوابدار وزير جکراڻي فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻ ۽ نبي بخش جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ناري ۽ نوجوان جا لاش سندن گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون