بلوچستان جي علائقي اورماڙا ۾ سڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پسني کان اورماڙا ويندڙ سڪيورٽي فورسز جي ٻن گاڏين تي اڳ تاڙ ۾ ويٺل دهشتگردن حملو ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب دهشتگردن جي حملي ۾ 14 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون……