بلوچستان علائقي پشين سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي پشين ۾ ڪارروائي ڪئي.
ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ واريون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.