وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قوم ۽ تاريخ 9 مئي جي ڪردارن کي ڪڏهن معاف نه ڪندي، هڪ سال گذرڻ باوجود قوم ۽ پاڪستان پنهنجي ڏوهارين کي نه وساريو آهي ۽ نه وساريندي، کين اڳتي وڌڻو آهي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن، پنهنجي نئين نسل کي روشن مستقبل ڏنو ويندو.
وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 مئي رڳو تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن ناهي، هي رياست تي سياست قربان ڪرڻ ۽ سياست لاءِ رياست تي حملو ڪندڙن جي ٻن سوچن کي ڌار ڌار ڪرڻ جو ڏينهن آهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ طرف وطن تي رت ڏيندڙ قوم جا عظيم پٽ، سندن عظيم خاندان ۽ محب وطن عوام آهي، ٻئي طرف نفرت جي باهه ۾ سڙندڙ اهي ڪردار آهن جن جي دل ۾ رياستي مفادن جو ڪوبه درد ناهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم ۽ تاريخ 9 مئي جي ڪردارن کي ڪڏهن معاف نه ڪندي، هڪ سال گذرڻ باوجود قوم ۽ پاڪستان پنهنجي ڏوهارين کي نه وساريو آهي ۽ نه وساريندي، کين اڳتي وڌڻو آهي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن، پنهنجي نئين نسل کي روشن مستقبل ڏنو ويندو.