تازه ترين

بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 3 نوجوان فوت ٿي ويا

بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 3 نوجوان فوت ٿي ويا.

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ اولهه جو هوائون داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ  سان گڏ برسات جو سلسلو جاري آهي.

ڪوئيٽا ۾ اڄ صبح کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جنهن ڪري گرمي جو زور گهٽجي ويو آهي.

واشڪ، خضدار، سوراب، قلات، مستونگ، نوشڪي، بولان ۽ پشين ۾ گجگوڙ سان برسات پئي.

سوراب جي علائقي تنڪ باغ ۾ وڄ ڪرڻ سبب  2 نوجوان فريد احمد ۽ جابر احمد فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نوجوان اعجاز احمد زخمي ٿي پيو.

زوب، شيراني، بارکان، موسيٰ خيل، ڪوهلو، سبي، جھل مگسي، لورالائي، زيارت، ڪوئيٽا، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، لسبيلا، قلات، خضدار، زيارت، ڪوهلو، بارکھان، مسلم باغ، تربت، هرنائي. ڪوهلو، نصيرآباد، جعفرآباد، چاغي، پنجگور، گوادر ۽ ڪيچ ۾ وقفي وقفي سان وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ندي نالن  ۾ ٻوڏ اچڻ جو خدشو آهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب صوبي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي الرٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سمورن نالن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
17 %
1.2kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون