تازه ترين

بلوچستان جي نئين چونڊيل 14 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو

بلوچستان جي نئين چونڊيل 14 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو.

گورنر هائوس ۾ ڪوٺايل قسم کڻڻ واري تقريب ۾ بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ ڪابينا ميمبرن کي قسم کڻايو.

قسم کڻڻ واري تقريب ۾بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

قسم کڻڻ ۾ مسلم ليگ نون جو سردار عبدالرحمان کيتران، نور محمد دمڙ، عاصم ڪرد، گيلو، شعيب نوشيرواني، راحيله دراني ۽ سليم کوسا شامل آهن.

پيپلز پارٽي جي صادق عمراڻي، ظهور بليدي، علي مدد جتڪ، بخت ڪاڪڙ، سردار سرفراز ڊومڪي ۽ فيصل جمالي به قسم کڻي ورتو.

صوبائي ڪابينا ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي مير ضياءَ الله لانگو ۽ نوابزاده طارق مگسي به قسم کنيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
29 ° C
29 °
29 °
16 %
4.9kmh
43 %
ڇنڇر
28 °
آچر
36 °
سُومر
36 °
اڱارو
37 °
اربع
35 °

تازه ترين خبرون