بلوچستان جي ڪيچ ضلعي ۾ آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڪيچ جي علائقي زربر ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي.
ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيو ويو.