- Advertisement -
بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن بعد بولان مان وڌيڪ ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ 54 ٿي ويو.
2 ڏينهن اڳ دهشتگردي جي واقعن بعد بولان جي علائقي دوزان ۾ ريلوي پل جي ڍير هيٺيان وڌيڪ ٻن ڄڻن جا لاش مليا.
ٻن ڄڻن جا لاش هٿ اچڻ کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ وڌي 54 ٿي ويو.
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملي ڪريل ريلوي پل جو ڍير هٽائي قومي شاهراهه تي ٽريفڪ بحال ڪري ڇڏي.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردي واقعي ۾ متاثر پل جي مرمت ۾ ڏيڍ کان 2 مهينا لڳي سگهن ٿا.- Advertisement -
