- Advertisement -
اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب ماڻهو خوف وچان ڪلمه طيب جو ورد ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا طلاع ناهن مليا.
اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، سرگوڌا، مردان، مالاڪنڊ، اٽڪ، جهلم، سوات ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي سبب ماڻهو خوف وچان ڪلمه طيب جو ورد ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جو زور 5 ڏهائي 4 ۽ اونهائي 215 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش ريجن هو.
زلزلي سبب ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا طلاع ناهن مليا.- Advertisement -
