بلڙي شاهه ڪريم ويجهو معذور نوجوان بک ۽ بدحالي مان تنگ ٿي مبينا طور پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڳوٺ رحيم بخش رند ۾ نوجوان شاهين عرف جمعو رند مبينا طور پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڳوٺاڻن نوجوان کي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب نوجوان جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.