- Advertisement -
بنون ڪينٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو، جنهن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا، بارودي گاڏي ڀِت سان ٽڪرائجڻ سبب 12شهري شهيد ۽ 32 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب افطار کانپوءِ دهشتگردن بنون ڪينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻايو.
سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز جي وقتائتي ڪارروائي سبب دهشتگردن وائڙائپ ۾ بارود سان ڀريل گاڏي بنون ڪينٽ جي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن سبب 12 شهرين جي شهيد ۽ 32 جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب مختلف انٽري پوائنٽن جي موجود چوڪس سڪيورٽي عملي ڇهن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ۽ ٻين گهيري ۾ آڻي ورتو.
دهشتگردن طرفان بارود سان ڀريل گاڏين جي ڌماڪي سان ويجهي مسجد کي به نقصان پهتو ۽ ويجهي گهر جي ڇت ڪرڻ سان معصوم ماڻهن جي زخمي ۽ شهيد ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب سمورن دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو.- Advertisement -
