تازه ترين

بنون ڪينٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام،9 شهري شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بنون ڪينٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو، جنهن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا، بارودي گاڏي ڀِت سان ٽڪرائجڻ سبب 12شهري شهيد ۽ 32 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب افطار کانپوءِ دهشتگردن بنون ڪينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻايو. سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز جي وقتائتي ڪارروائي سبب دهشتگردن وائڙائپ ۾ بارود سان ڀريل گاڏي بنون ڪينٽ جي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن سبب 12 شهرين جي شهيد ۽ 32 جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب مختلف انٽري پوائنٽن جي موجود چوڪس سڪيورٽي عملي ڇهن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ۽ ٻين  گهيري ۾ آڻي ورتو. دهشتگردن طرفان بارود سان ڀريل گاڏين جي ڌماڪي سان ويجهي مسجد کي به نقصان پهتو ۽ ويجهي گهر جي ڇت ڪرڻ سان معصوم ماڻهن جي زخمي ۽ شهيد ٿيڻ جا به اطلاع آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب سمورن دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
10 %
4.6kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون