تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

بنگلاديشي شاگردن جي الميٽيم کانپوءِ صدر شهاب الدين پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي، خالده ضياءَ به جيل مان آزاد

بنگلاديشي شاگردن جي الميٽيم کانپوءِ صدر شهاب الدين پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ کي به جيل مان آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته نوبل انعام يافته ڊاڪٽر يونس عبوري حڪومت جو صلاحڪار ٿيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.

بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ ۽ ملڪ مان فرار ٿيڻ بعد احتجاج ڪندڙ شاگرد تحريڪ ملڪ ۾ فوجي حڪومت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنهنجون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون هيون ۽ پارليامينٽ منجهند 3 وڳي تائين ٽوڙڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو.

شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ناهيد اسلام، آصف محمود ۽ ابوبڪر مازوم دار وڊيو پيغام ذريعي عبوري حڪومت جو خاڪو جاري ڪندي مطالبو ڪيو ته نوبل انعام يافته ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري حڪومت قائم ڪئي وڃي.

شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ناهيد اسلام چيو ته شاگرد پهريان ئي ڊاڪٽر يونس سان ڳالهيون ڪري چڪا آهن ۽ هن عبوري حڪومت ۾ ڪردار تي  راضپو ظاهر ڪيو آهي، ٻيا نالا به ڏنا ويندا.

شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ناهيد اسلام چيو ته بنگلاديش جي عبوري حڪومت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ قائم ڪئي ويندي.

بنگلاديش جي صدر شهاب الدين، آرمي چيف سميت فوجي قيادت سان ملختلف ملاقاتن بعد شاگردن جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ ئي پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي.

اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ کي به جيل مان آزاد ڪيو ويو.

روڊن تي موجود شاگردن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.

شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن، صدر جي قدم کي ساراهيندي مطالبو ڪيو ته عبوري حڪومت لاءِ نوبل انعام يافته ڊاڪٽر محمد يونس کي چيف ايڊوائزر مقرر ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون