- Advertisement -
بنگلاديش پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي، راولپنڊي ٽيسٽ ۾ بنگلاديش، پاڪستان کي ڏهن وڪيٽن تان هارائي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
راولپنڊي ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان پهرين اننگز ڇهن وڪيٽن جي نقصان 448 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگلز ۾ 565 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ رڳو 146 رنسون ٺاهي سگهي ۽ بنگلاديش کي ميچ کٽڻ لاءِ رڳو 30 رنسن جو حدف ڏنو.
پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ محمد رضوان 51 نمايان رهيو.
بنگلاديش جي ٽيم 30 رنسن جو حدف بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي.
مشفق الرحيم کي ميچ آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان شروع ٿيندي.- Advertisement -
