تازه ترين

بنگلاديش ۾ شاگردن جي مظاهرن دوران ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز، چڪرين ۾ مارجي ويلن جو انگ 32 ٿي ويو

بنگلاديش ۾ ٿيل پرتشدد احتجاج دوران شاگردن سميت مارجي ويلن جي جاچ لاءِ وزيراعظم حسينه واجد عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بنگلاديش ۾ شاگردن سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 32 ٿي ويو آهي، جن ۾ هڪ صحافي به شامل آهي.

وزيراعظم حسينه واجد مارجي ويلن جي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

مقامي ميڊيا موجب، 2 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، مختلف اسپتالن ۾ 150 کان وڌيڪ شاگرد ۽ احتجاج ڪندڙ علاج هيٺ آهن، اڪثر زخمين جي اکين ۾ ربر جون گوليون لڳيون آهن.

مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته احتجاج جو دائرو وڌڻ سبب موبائل، ٽيليفون سروسز ۽ انٽرنيٽ معطل آهي، ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽيليفون سروس ۽ انٽرنيٽ معطل آهي، ڍاڪا سان زميني رابطو پڻ ڪٽجي ويو آهي.

هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسپتالن ۽ ريسڪيو ادارن کي کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايمبولينسن کي روڊن تان گذرڻ جي اجازت هوندي، احتجاج ڪندڙن طرفان سرڪاري ٽي وي جي هيڊ ڪوارٽر کي باهه ڏني وئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاسي پيا.

بنگلاديش ۾ شاگردن ڪجهه ڏينهن کان ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ملڪ جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويو آهي، شاگردن جو موقف آهي ته سرڪاري نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وڃن ۽ رڳو اقليتن ۽ معذورن لاءِ رکيل 6 سيڪڙو ڪوٽا کي برقرار رکيو وڃي.

ڪوٽا سسٽم ۾ 30 سيڪڙو سرڪاري نوڪريون بنگلاديش جي 1971ع جي آزادي واري جنگ ۾ وڙهندڙن جي خاندانن لاءِ مخصوص آهن، جڏهن ته شاگرد نظام ۾ سڌارن ۽ اعليٰ سرڪاري نوڪرين جي وڌيڪ منصفاڻي ورڇ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون