تازه ترين

سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي ستن ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي ستن ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ايڊمرل رٽائرڊ رويندرا چندرا سري وجي گونارتني ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي آزادي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي ستن ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي سريلنڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي واپسي لاءِ ٻنهي اڳواڻن طرفان ضروري ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدين جي آزادي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي جنهن تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قيدين جي واپسي لاءِ سهڪار تي سندس ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد قطعي شڪل ڏني پئي وڃي، ملاقات ۾ منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سڪيورٽي  جي معاملن بابت به ڳالهيون ٿيون. محسن نقوي جو چوڻ هو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيا آهن، منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سڪيورٽي بابت گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ وقت جي گهرج آهي. ان موقعي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته سريلنڪا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
heavy intensity rain
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
49 %
4.6kmh
88 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون