بونير ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، دهشتگردن جو سربراهه مارجي ويو : آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڪي پي جي ضلعي بونير ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردن جو سربراهه مارجي ويو، جڏهن ته دهشتگردن جي  فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان پڻ شهيد ٿي ويا آهن، جن جي جنازي نماز ادا ڪري مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن  اماڻيا ويا آهن. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب بونير ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب  آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردن جو سربراهه سليم عرف رباني مارجي ويو ۽  2 دهشتگرد زخمي پڻ ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سليم عرف رباني مختلف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هو، مٿس 50 لک رپيا انعام پڻ رکيل هو، مارجي ويل دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوريءَ ۾ پڻ ملوث هو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان جهيڙيندي پاڪ فوج جا 2 جوان  شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهادت ماڻيندڙ حوالدار مدثر جو تعلق راولپنڊي ۽ لانس نائيڪ حسيب جاويد جو تعلق آزاد ڪشمير سان هو. هوڏانهن بونير ۾ دهشتگردن خلاف وڙهندي شهادت ماڻيندڙ  ٻن جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. شهيدن جي جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن، پوليس عهديدارن شرڪت ڪئي. شهيدن جا مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا، جتي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪياويندا…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
12%
1.3m/s
0%
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون