تازه ترين

بونير ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، دهشتگردن جو سربراهه مارجي ويو : آءِ ايس پي آر

ڪي پي جي ضلعي بونير ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردن جو سربراهه مارجي ويو، جڏهن ته دهشتگردن جي  فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان پڻ شهيد ٿي ويا آهن، جن جي جنازي نماز ادا ڪري مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن  اماڻيا ويا آهن.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب بونير ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان آپريشن ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب  آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردن جو سربراهه سليم عرف رباني مارجي ويو ۽  2 دهشتگرد زخمي پڻ ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سليم عرف رباني مختلف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هو، مٿس 50 لک رپيا انعام پڻ رکيل هو، مارجي ويل دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوريءَ ۾ پڻ ملوث هو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان جهيڙيندي پاڪ فوج جا 2 جوان  شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب شهادت ماڻيندڙ حوالدار مدثر جو تعلق راولپنڊي ۽ لانس نائيڪ حسيب جاويد جو تعلق آزاد ڪشمير سان هو.

هوڏانهن بونير ۾ دهشتگردن خلاف وڙهندي شهادت ماڻيندڙ  ٻن جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

شهيدن جي جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن، پوليس عهديدارن شرڪت ڪئي.

شهيدن جا مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا، جتي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪياويندا…….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
40 %
0.8kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون