بيروت تي اسرائيل جي فضائي حملن بعد ايران جي القدس فورس جي سربراهه اسماعيل قاآني سان رابطو ڪٽجي ويو آهي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بيروت تي اسرائيل جي فضائي حملن بعد ايران جي القدس فورس جي سربراهه اسماعيل قاآني سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻن سينئر ايراني سڪيورٽي اختيارين ٻڌايو آهي ته حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله تي اسرائيلي حملي کانپوءِ القدس فورس جو سربراهه اسماعيل قاآني بيرت جي دوري تي روانو ٿيو هو، جڏهن ته گذريل هفتي بيروت تي ٿيل فضائي حملن کانپوءِ اسماعيل قاآني سان به رابطو ڪٽجي ويو آهي.

خابرو اداري جو چوڻ آهي ته هڪ عهديدار ٻڌايو ته اسرائيل طرفان حزب الله جي امڪاني سربراهه هاشم صفي الدين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيل حملن وقت اسماعيل قاآني به بيروت جي ڏاکڻي علائقي ضاحيا ۾ موجود هو.

حزب الله جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل بيروت جي ڏاکڻي علائقي تي لاڳيتو بمباري ڪري هاشم صفي الدين جي ڳولا ۾ به مهلت نه پيو ڏئي، تنظيم ڳولا جي پڄاڻي تي ئي هاشم صفي الله بابت ڪجهه ٻڌائي سگهندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
39%
3.4m/s
3%
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون