غزه ۾ اسرائيلي جارحيت کي هڪ سال مڪمل، صهيوني فورسز جي حملن ۾ 9 ٻارن سميت وڌيڪ 17 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي جارحيت کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو، صهيوني فورسز جي حملن ۾ 9 ٻارن سميت وڌيڪ 17 فلسطيني شهيد ٿي ويا، عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 41 هزار 870 ٿي ويو جڏهن ته 97 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج ڏکڻ غزه ۾ بيت الحنون، بيت الاهيه ۽ جباليه سميت 30 هنڌن کي نشانو بڻايو. عرب ميڊيا موجب، غزه ۾ البريج ۽ النصيرات  ڪيمپ کي به نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ القسام بريگيڊ جي ڪمانڊر ٻن پٽن سميت شهادت ماڻي. عرب ميڊيا موجب، شهيدن جو انگ 41 هزار 870 ٿي ويو، 97 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته 12هزار زخمي فسطينين کي پرڏيهه طبي امداد جي ضرورت آهي. اختيارين موجب،، ڪينسر جي ساڍا ٻارنهن هزار کي علاج ۽ دائمي بيمارين ۾ ورتل ساڍا 3 لک ماڻهن دوا جي ضرورت آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزا ۾ طبي امداد جي داخلا جي اجازت ناهي نه ڏني، 17 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪيترن ئي بيمارين ۾ مبتلا آهن، اسرائيلي فوجين 310 طبي عملي کي حراست ۾ رکيو آهي. فلسطيني اختيارين موجب، اسرائيلي فوج هڪ سال ۾ 131 ايمبولنسن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته 814 مسجدون شهيد ۽ 19 چرچ مڪمل طور تباهه  ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
30%
4m/s
2%
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون