مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 12 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي جمهوريت ۽ عوام لاءِ هڪ آمر سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ثابت قدم رهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مادرِ جمهوريت جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو عوام کي حق حاڪميت جي واپسي لاءِ آمر خلاف تاريخي تحريڪ جي قيادت ڪئي.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کانپوءِ جيستائين صحت ساٿ ڏنو بيگم نصرت ڀٽو عوامي حقن جي ويڙهه وڙهندي رهي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن دنيا جي سياسي تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نٿو ملي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو آئين ۽ جمهوريت جي خاطر قيد ۽ تشدد به برداشت ڪيا پر پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو بلند رکيو.
هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي بحالي لاءِ مفاهمت جو روشن مثال قائم ڪيو، جيڪو سندن لاءِ ٻرندڙ لاٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن جمهوريت تي راتاهو هڻي آمريت مڙهي وئي ته مادر وطن جمهوريت آمرن سان سخت مزاحمت ڪئي.
آصف علي زرداري چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ايم آر ڊي جي پليٽ فام تان جمهوريت ۽ آئين جي بحالي لاءِ تاريخي تحريڪ جي قيادت ڪئي.
هن چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جنهن مقصد خاطر عظيم ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جدوجهد جاري آهي.