- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بي ايس پي سينٽرن تي مستحق عورتن جي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو.
دادو ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريب مسڪين ۽ بيواهه عورتن کي ملندڙ وظيفي مان هڪ هزار کان 15 سئو ڪٽوتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
متاثر عورتن دانهيو ته ڊوائيز هولڊر ۽ فرنچائز انچارج ديدار کوسو ملي ڀڳت ڪري وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن.
هنن چيو ته قائم ڪيل سينٽر تي پيئڻ جو پاڻي به ناهي، گرمي سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئڻو پوي ٿو.
عورتن دانهيو ته رسيد ساڍا 10 هزار روپين جي ڏني پئي وڃي پر رقم 9 هزار ملي آهي.
اوٻاوڙي جي علائقي ڪمورن شهيد جي سينٽر تي بي آءِ ايس پي جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ تان جهيڙي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڊيوائيس هولڊرن پاران هڪ عورت جي وظيفي جي رقم ساڍا 4 هزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ تان چاچڙ برادري جي ماڻهن ۽ ڊيوائيس هلائيندڙ رند برادري جي ماڻهن ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺين ۽ سروٽن جو آزادڻو استعمال ٿيڻ سبب ٻنهي ڌرين جا ست ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن ۾ مصري چاچڙ، اڪبر چاچڙ، دادن چاچڙ، موصتن رند ۽ ٻيا شامل آهن.
جهيڙي بعد چاچڙ برادري جي ماڻهن پنجن ڊيوائيز هولڊرن کي هڪ ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس ۽ چاچڙ برادري جي چڱي مڙس پهچي جهيڙو ٽاريو.
ٽنڊي غلام حيدر پوليس سونا نگر واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي هڪ ڊوائيس هولڊر مقصود ورڙ کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏو.
پوليس موجب گرفتار ٿيل ڊوائيس هولڊر غير قانوني طور سينٽر کان ٻاهر ڊوائيس هلائي مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪري رهيو هو، جنهن ڪري کيس گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
