تازه ترين

مصر ۾ ماڊل عورت شادي جي ٻئي ڏينهن تي مڙس گنجو نڪرڻ تي  طلاق وٺي ڇڏي

- Advertisement -
مصر ۾ ماڊل عورت شادي جي ٻئي ڏينهن تي مڙس گنجو نڪرڻ تي  طلاق وٺي ڇڏي. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب متاثر عورت جي وڪيل ٻڌايو ته سندس اصيل کي شادي تائين گهوٽ گنجو هئڻ بابت بي خبر رکيو. وڪيل ٻڌايو ته سندس اصيل مصري ماڊل آهي ۽ سندس مڙس پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آهي، عورت کان مڱڻي وقت به نوجوان پنهنجي گنجي هجڻ جي ڳالهه لڪائي. عورت جي وڪيل چيو ته شادي جي ڏينهن نوجوان وڳ پائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، شادي جي ٻئي ڏينهن تي ڪنوار مڙس کي گنجو ڏسي صدمي ۾ اچي وئي، جنهن بعد عورت پنهنجي مڙس کان گنجو هجڻ واري ڳالهه لڪائڻ بابت سوال ڪيو، جنهن تي ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿيو. مصري ماڊل عورت دوکو ڏيڻ جو الزام هڻي مڙس کان طلاق جي گهر ڪئي، ان تي مڙس زال مٿان تشدد ڪري طلاق ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مڙس جي هوڏ سبب عورت ڪجهه ڏينهن ۾ پيڪي هلي وئي ۽ مڙس کان خلع وٺڻ جي دعويٰ داخل ڪئي. عدالت  جوڙي وچ ۾ خلع جو حڪم جاري ڪيو، جنهن کانپوءِ عورت کي سمورو سامان واپس نه ملي سگهيو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
29 %
5.4kmh
19 %
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون