بچاءَ واري وزير خواجه آصف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي بيان کي وفاق تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته علي امين گنڊا پور طرفان افغانستان سان سڌي نموني ڳالهين جو اعلان وفاق تي حملو آهي، ڪو صوبو ڪنهن ملڪ سان سڌي نموني ڳالهيون نه ٿو ڪري سگهي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته اسيمبلي جي ماحول کي بهتر رهڻ گهرجي، اسپيڪر شاندار روايت قائم ڪئي آهي، ايوان جي تقدس ۽ وقار لاءِ اهو قدم کنيو آهي، اميد آهي ته قانون تي عمل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته سياست ۾ شڪ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي، ڪوبه مخالف ڌر ميمبر سرڪاري عهديدار سان ملي ته شڪ ڪيو ويندو آهي، تحريڪ انصاف دور ۾ اپوزيشن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته اڄ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو بيان آيو آهي ته هو پاڻ افغانستان سان ڳالهيون ڪندا، ملڪ جي سلامتي کي ڪي پي جي وڏي وزير داءُ تي لڳايو آهي.
هن چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪهڙي حيثيت ۾ افغانستان سان ڳالهيون جو اشارو ڏنو آهي؟، علي امين گنڊاپور جو بيان فيڊريشن تي حملو آهي، ڪوبه صوبو سڌي ريت ڪنهن ملڪ سان ڳالهيون نٿو ڪري سگهي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هو تنگ نظرئي جي حڪمراني ناهن ڪندا، تحريڪ انصاف دور ۾ راڻا ثناءُ الله تي منشيات جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، جڏهن مٿن ظلم جا جبل ڪيرايا پئي وڃي ان وقت ڇا علي محمد آواز بلند ڪيو هو؟