بڊاڻي ويجهو پوليس ڌاڙيلن سان مبينا مقابلي بعد 22 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نينگري آديش ڪمار کي بازياب ڪرائي ورتو اهي.
گنڍير جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري مغوي نينگر آديش ڪمار کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گنڊير جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي بعد نينگر کي بازياب ڪرايو ويو.
واضح رهي ته ٽي ھفتا اڳ بڊاڻي کان ڪنڌڪوٽ ايندي بڊاڻي ٿاڻي جي حد مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن يتيم نينگري آديش ڪمار کي اغوا ڪري ويا هئا.