آسٽريليا جي مشهور ڪرڪيٽ ليگ، بگ بيش ليگ مينز ۽ وومينز جي ڊرافٽ لاءِ 600 کان وڌيڪ انٽرنيشنل رانديگرن پنهنجا نالا رجسٽر ڪرائي ڇڏيا آهن، جن ۾ پاڪستان جا ناليوارا ڪرڪيٽر به شامل آهن.
پاڪستان مان فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي، وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان، حارث رئو ف ۽ آل رائونڊر شاداب خان پنهنجا نالا رجسٽر ڪرايا آهن،
ٻين ڪرڪيٽرن ۾ ويسٽ انڊيز جو شيمار جوزف، نيوزيلينڊ جا لوڪي فرگوسن ۽ ٽم سائوٿي، انگلينڊ جا سيم ڪرن، ايلڪس هيلز ۽ سري لنڪا جو ڪوشل پريرا به شامل آهي
ٻئي پاسي پاڪستان وويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناء به وويمنز بگ بيش ليگ جي ڊرافٽنگ لاءِ پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو آهي.
وويمن ڊرافٽ ۾ انگلينڊ جون رانديگراڻيون هيڌر نائيٽ، لارين بيل ۽ ڊيني وائٽ ، ڀارت جون جمائما روڊريگز ۽ شيکا پانڊي، ويسٽ انڊيز جي ڊياندرا ڊوٽن جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي شبنم اسماعيل ۽ ڪلوئي ٽريون به شامل آهن.
بي بي ايل آفيشلز جو چوڻ آهي ته ڊرافٽ ۾ شامل رانديگرن جي مڪمل فهرست ۽ سندن دستيابي بابت تفصيل جلد جاري ڪيا ويندا.