- Advertisement -
پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف طرفان پشاور هائيڪورٽ ۾ اليڪشن ۽ انٽرا پارٽي چونڊن کي چئلينج ڪندڙ درخواست ڏيندڙن کي به ڌر بڻايو ويو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي چئلينج ڪندڙ پارٽي ميمبر ئي ناهي ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊ نشان بيٽ به واپس وٺي ڇڏيو.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ پارٽي چونڊ ڪرائڻ جي طريقي تي فيصلي جو اختيار ناهي، تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
تحريڪ انصاف عدالت کان سينيئر ججن تي ٻڌل ٻڌل بينچ جوڙڻ ۽ درخواست اڄ ئي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊ پارٽي آئي موجب نه ڪرائڻ تي تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس ورتو هو.- Advertisement -
