تحريڪ انصاف جي ايجنڊا ملڪ دشمني آهي، پي ٽي آءِ چيني صدر جو دورو ملتوي ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو: فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ايجنڊا ملڪ دشمني آهي، پي ٽي آءِ چيني صدر جو دورو ملتوي ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي آءِ  ايس سي او سي اجلاس متاثرن ڪرڻ لاءِ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور پاڻ روپوش ٿي ويو آهي، ڪي پي ۾ رڳو هڪ شيءِ ٿي رهي آهي ڪرپشن، ڪرپشن ۽ رڳو ڪرپشن، علي امين گنڊا پور وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهيو آهي، سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ ڳالهه اها آهي ته دهشتگردن کي آندو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪار حميد شاهه جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڇنڇر ڏينهن جٿا اسلام آباد آيا هئا، جيڪي چئي رهيا هئا ته هو پرامن هئا، پوليس اهلڪار ڊيوٽي دوران قتل ٿيو، جٿا جا جيڪي ماڻهو زخمي ٿيا اهي ڪهڙي اسپتال ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ملڪ دشمني، پي ٽي آءِ،  ايس سي او اجلاس متاثرن ڪرڻ لاءِ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي تحريڪ انصاف وارا پاڻ ڳولي رهيا آهن، علي امين گنڊاپور پاڻ روپوش ٿي ويو آهي، جيڪڏهن گرفتار ٿيو آهي ته ثبوت پيش ڪيا وڃن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ۾ رڳو هڪ شيءِ ٿي رهي آهي ڪرپشن، ڪرپشن ۽ رڳو ڪرپشن، علي امين گنڊا پور وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهيو آهي، سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ ڳالهه اها آهي ته دهشتگردن کي آندو پيو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
43%
2.8m/s
9%
جمعو
26 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون