- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور پوليس سميت ڪنهن به اداري جي قيد ۾ ناهي، پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪي پي هائوس مان علي امين گنڊا پور جي ڀڃي وڃڻ جا فوٽيجز موجود آهن.
اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪار حميد شاهه جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته زخمي ٿيل پوليس اهلڪار جي فوت ٿيڻ تي افسوس آهي، هو حميد شاهه جي وارثن سان ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهن.
سندس چوڻ هو ته پوليس اهلڪار کي وڳوڙين قتل ڪيو آهي، حميد شاهه جي قتل ۾ ملوث ماڻحن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس اهلڪار کي 2 پٽ آهن، هڪ کي نوڪري ڏني ويندي، خاندان کي پيڪيج سان گڏ پلاٽ به ڏنو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور پوليس سميت ڪنهن به اداري جي قيد ۾ ناهي، ڪي پي هائوس مان علي امين گنڊا پور جي ڀڃي وڃڻ جا فوٽيجز موجود آهن.- Advertisement -
