تازه ترين

تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف باني حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جون واضح هدايتون ڏنيون آهن، حڪومت هفتي اندر عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو  واعدو پورو نه ڪيو آهي،  پي ٽي آءِ باني ڪميشن جو اعلان نه ٿيڻ تي ڳالهيون ختم ڪيون آهن.

اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ تحريڪ انصاف باني سان هن ۽ ٻين وڪيلن جي ملاقات ٿي، باني چيو ته حڪومت عدالتي ڪميشن نٿي جوڙي تي ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته حڪومت کي هفتي اندر عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻي هئي، سندن خواهش هئي ته ڳالهيون ٿين ۽ اڳتي وڌن پر سياسي اختلافن جي ٿڌ ايتري وڌيڪ آهي جو برف پگهري ئي نٿي.

تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته هن وقت تائين حڪومت 9 مئي ۽ 26 نومبر بابت عدالتي ڪميشن ناهي جوڙي، ان لاءِ ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون