تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڊيفالٽ جو خواب ڏسندڙ ملڪ دشمن ٽولو بار بار اسلام آباد تي چڙهائي جي ڪوشش ڪندو آهي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومتي پاليسين تي ميڊيا جي هاڪاري تنقيد  گورننس جي بهتري لاءِ ضروري آهي، ملڪي استحڪام کانپوءِ ملڪي ترقي جي رفتار ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي،  دوست ۽ ڀائر ملڪن پاڪستان کي ڏيوالي جي ڪناري کان واپس ڪري معاشي ترقي طرف ڪيو آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ، اطلاعات واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن، چيئرمين پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسي ايشن ميان عامر محمود ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊيفالٽ جو خواب ڏسندڙ ملڪ دشمن ٽولو بار بار اسلام آباد تي چڙهائي جي ڪوشش ڪندو آهي، اهڙن عنصرن کان ملڪ جي ترقي هضم ناهي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته دوست ۽ ڀائر ملڪن پاڪستان کي ڏيوالي جي ڪناري کان واپس ڪري معاشي ترقي طرف ڪيو آهي، حڪومت ۽ ميڊيا جو گڏيل اعتماد جو رشتو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي پاليسين تي ميڊيا جي هاڪاري تنقيد گورننس جي بهتري لاءِ ضروري آهي، ميڊيا جي هاڪاري تنقيد جي حڪومت آجيان ڪري ٿي. شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي مڪمل آزادي آهي ۽ حڪومت ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ هئڻ تي يقين رکي ٿي، اڏام پاڪستان ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، جنهن کي ميڊيا ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊرن جي سهڪار سان ڪامياب بڻائيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪي استحڪام کانپوءِ ملڪي ترقي جي رفتار ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي. شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ سڄي قوم قرباني ڏني، پاڪ فوج سميت قوم هن ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين هن خلاف جنگ جاري رکندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
19 %
0.8kmh
0 %
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون