تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

تحريڪ انصاف لاشن جي سياست ڪري رهي آهي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو ٽارگيٽ ۽ دشمني پاڪستان سان آهي، هر موقعي تي پي ٽي آءِ ملڪ، ادارن ۽ پارٽين کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، تحريڪ انصاف ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اربين رپيا پرڏيهي لابيز کي ڏنا، پي ٽي آءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ عالمي سازش جو حصو آهي، تحريڪ انصاف لاشن جي سياست ڪري رهي آهي، علي امين گنڊاپور حڪومت بدران دهشتگردن خلاف هٿيار کڻي، تحريڪ انصاف جون سموريون سازشون ناڪام ٿينديون. ڪراچيءَ ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار اٽي، لٽي ۽ اجهي جي منشور تي عمل ڪري رهي آهي، چئلينجن باوجود سنڌ سرڪار عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي 21 لک گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي، سڄي سنڌ ۾ 10 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اربين رپين جا منصوبا شهرين جي سفري سهولت بهتر بڻائڻ لاءِ شروع ڪيا، ڪراچي ۾ 2 ميگا پراجيڪٽ جاري آهن، ملير ايڪسپريس وي کي ايندڙ سال کوليو ويندو، ريڊ ۽ ييلو لائن بي آر ٽي تي به ڪم جاري آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو ٽارگيٽ ۽ دشمني پاڪستان سان آهي، پي ٽي آءِ ڪوبه موقعو ناهي ڇڏيو جنهن ۾ پاڪستان کي بدنام نه ڪري، هر موقعي تي پي ٽي آءِ ملڪ، ادارن ۽ پارٽين کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اربين رپيا پرڏيهي لابيز کي ڏنا، پي ٽي آءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ عالمي سازش جو حصو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ لاشن جو ڪوڙو موقف ٺاهيو آهي، پي ٽي آءِ لاشن جي سياست ڪري رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته علي امين گنڊاپور اسيمبلي جي فلور تي چيو ته هو وڙهندا، علي امين گنڊاپور حڪومت بدران دهشتگردن خلاف هٿيار کڻي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به ڪارڪن گرفتار ناهي ٿيو، ڇو ته هتي پي ٽي آءِ جو ڪو به ڪارڪن ناهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف جو نيٽ ورڪ دنيا ۾ پاڪستان کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف جون سموريون سازشون ناڪام ٿينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
31 %
5.5kmh
50 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون