اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل ٿي آهي ختم ناهي ٿي، چيف جسٽس جو ”گڊ ٽو سي يو“ ۽ ”وشنگ يو گڊ لڪ“ جو پيغام اسلام آباد هائيڪورٽ تائين پهچي ويو،
رياستي دهشتگرد جي مدد ٿيندي ته عام ماڻهو کي انصاف ڪٿان ملندو؟، 9مئي هجي، جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ۽ پوليس تي پيٽرول بمن جي برسات هجي سڀ معاف.
توشاخانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي تي رد عمل ظاهر ڪندي شهباز شريف چيو ته لاڏلي جي سزا معطل ٿي آهي ختم ناهي ٿي،
چيف جسٽس جو ”گڊ ٽو سي يو“ ۽ ”وشنگ يو گڊ لڪ“ جو پيغام اسلام آباد هائيڪورٽ تائين پهچي ويو، فيصلو اچڻ کان اڳ ئي سڀني کي خبر هجي ته فيصلو ڪهڙو ٿيندو ته اهو نظام عدل لاءِ فڪر جو لمحو هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اعليٰ عدليا کان واضح پيغام ملڻ تي ماتحت عدالت کي اهو ئي ڪرڻو هو جيڪو ڪيو ويو؟، نواز شريف جي سزا يقيني بڻائڻ لاءِ مانيٽرنگ جج لڳايو ويو هو، لاڏلي کي بچائڻ لاءِ پاڻ چيف جسٽس مانيٽرنگ جج بڻجي ويو، نظام عدل جو هي ڪردار تاريخ ۾ ڪاري باب طور لکيو ويندو.
اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هڪ طرف جهڪيل پلڙي ۽ انصاف کي مجروح ڪندڙ نظام عدل قبول ڪرڻ جوڳو ناهي،
خانه ڪعبه جي عڪس واري گهڙي وڪرو ڪندڙ آڏو قانون بي وس آهي، چور ۽ رياستي دهشتگرد جي مدد ٿيندي ته ملڪ ۾ عام ماڻهو کي انصاف ڪٿان ملندو، 9مئي هجي، جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ۽ پوليس تي پيٽرول بمن جي برسات هجي سڀ معاف