بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ اختلاف ۽ ورهاست واضح نظر اچي رهي آهي، نو مئي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن جون شڪليون واضح ٿي چڪيون آهن، ملڪي وحدت کي خطرو هوندو ته هر قيمت تي حفاظت ڪئي ويندي، ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جي سخت ضرورت آهي.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان جي وحدت کي خطرو آهي، هر صورت ۾ دفاع ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو، 9 مئي جا واقعا هزارين نه پر ڪروڙين ماڻهن ڏٺا آهن.
بچاءَ واري وزير چيو ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث عنصرن جو شڪليون وڊيوز ۾ واضح ڏسي سگهجن ٿيون، آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽس اچي يا ري پبلڪنز ڪوبه فرق نٿو پئي، سندن قسمت آمريڪا کي نه پر پاڻ کي تبديلي ڪرڻي آهي.
خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ورهاست ۽ اختلاف واضح ٿي رهيا آهن، تحريڪ انصاف باني جلسو ناڪام ڏسي ملتوي ڪيو، کين جلسي کان ڪنهن به نه روڪيو.
تحريڪ انصاف ۾ اختلاف ۽ ورهاست واضح نظر اچي رهي آهي، نو مئي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن جون شڪليون واضح ٿي چڪيون آهن:خواجه آصف
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8
°
C
9.8
°
9.8
°
27%
1.8m/s
0%
اربع
10
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


