- Advertisement -
ترڪيا جو صدر رجب طيب اردگان پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو.
پڌرائي موجب ترڪيا جو صدر رجب طيب اردگان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو آهي، ترڪيا جون مشهور ڪاروباري شخصيتون به ترڪ صدر سان گڏ آهن.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئربيس تي ترڪيا جي صدر جي آجيان ڪئي.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي آمد تي سندس اعزاز ۾ 21 توپن جي سلامي به ڏني وئي، روايتي لباس پهريل اسڪول جي ٻارن ترڪ صدر کي ڀليڪار ڪيو.
ملٽري بينڊ به روايتي انداز ۾ ترڪ صدر جي آجيان ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي هوائي حدن ۾ پاڪ فضائيه جي جهازن فضائي آجيان ڪئي.
پڌرائي موجب پاڪ ايئرفورس جي ايف 17 جهاز ترڪ صدر جي جهاز کي پنهنجي سڪيورٽي ۾ اسلام آباد آندو.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون به ڪندو.
وزيراعظم ۽ ترڪ صدر پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون به ٿينديو.- Advertisement -
