تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٽه ملڪي سيريز، پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو

- Advertisement -
ٽه ملڪي سيريز ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي هارائي فائنل ۾ پهچي ويو، جڏهن ته قومي ٽيم سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪرڻ جو نئون رڪارڊ به قائم ڪري ورتو . نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ کيڏيل  ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي پاڪستان کي 353 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو قومي ٽيم محمد رضوان ۽ سلمان علي آغا جي شاندار سينچرين جي مدد سان چئن وڪيٽن جي نقصان تي 49 هين اوور ۾ مڪمل ڪيو. پروٽيز طرفان هيزڪ ڪلاسن 87 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته ميٿيو بريٽر 83، ڪپتان ٽيمبا بووما 82، ٽوني ڊي زورزي 22 ۽ وائن ملڊز ٻه رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته خوشدل شاهه ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 352 رنسن جي هدف جي جواب ۾ قومي ٽيم محتاط انداز ۾ اننگ جي شروعات ڪئي. پاڪستان جو پهريون آئوٽ ٿيل رانديگر بابر اعظم هو، جيڪو 57 جي مجموعي اسڪور تي 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد ايندڙ رانديگر سعود شڪيل به 15 رنسون ٺاهي پويلين واپس ٿي ويو. فخر زمان جي آئوٽ ٿيڻ وقت ٽيم جو مجموعي اسڪور 91 هو، جنهن بعد محمد رضوان ۽ سلمان آغا شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ ٻنهي سينچريون ٺاهي ٽيم کي فتح ڏياري. سلمان آغا 103 بالن تي 134 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ڪپتان محمد رضوان 122 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪوربن بوش هڪ ۽ ويان ملڊر ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو فائنل 14 فيبروري تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
10 %
4.1kmh
52 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون