تازه ترين

ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي وزيراعظم هائوس آمد، گارڊ آف آنر پيش

پاڪستان جي دوري تي پهتل ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم هائوس آمد تي وزيراعظم شهباز شريف، ترڪ صدر ۽ خاتون اول جي آجيان ڪئي.

وزيراعظم هائوس آمد تي معزز مهمانن کي اعزاز ۾ سلامي به ڏني وئي، ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به پيش ڪيا ويا.

وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان کي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات به ڪرائي.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان آرمي چيف جنرل عاصم منير به ملاقات ڪئي ۽ کيس ڀليڪار ڪيو.

ترڪ صدر کي ايف سورنهن جهازن جي فارميشن فلائي پاسٽ پيش ڪري معزز مهمان کي سلامي ڏني.

ان کان اڳ ترڪيه جو صدر رجب طيب اردگان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو، ترڪيا جون مشهور ڪاروباري شخصيتون به ترڪ صدر سان گڏ هيون.

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئربيس تي ترڪيه جي صدر جي آجيان ڪئي.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي آمد تي سندس اعزاز ۾ 21 توپن جي سلامي به ڏني وئي، روايتي لباس پهريل اسڪول جي ٻارن ترڪ صدر کي ڀليڪار ڪيو.

ملٽري بينڊ به روايتي انداز ۾ ترڪ صدر جي آجيان ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي هوائي حدن ۾ پاڪ  فضائيه جي جهازن فضائي آجيان ڪئي.

پڌرائي موجب، پاڪ  ايئرفورس جي ايف 17 جهاز ترڪ صدر جي جهاز کي پنهنجي سڪيورٽي ۾ اسلام آباد آندو.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون به ڪندو.

وزيراعظم ۽ ترڪ صدر پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون به ٿينديون.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون