تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي وزيراعظم هائوس آمد، گارڊ آف آنر پيش

- Advertisement -
پاڪستان جي دوري تي پهتل ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هائوس آمد تي وزيراعظم شهباز شريف، ترڪ صدر ۽ خاتون اول جي آجيان ڪئي. وزيراعظم هائوس آمد تي معزز مهمانن کي اعزاز ۾ سلامي به ڏني وئي، ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به پيش ڪيا ويا. وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان کي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات به ڪرائي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان آرمي چيف جنرل عاصم منير به ملاقات ڪئي ۽ کيس ڀليڪار ڪيو. ترڪ صدر کي ايف سورنهن جهازن جي فارميشن فلائي پاسٽ پيش ڪري معزز مهمان کي سلامي ڏني. ان کان اڳ ترڪيه جو صدر رجب طيب اردگان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو، ترڪيا جون مشهور ڪاروباري شخصيتون به ترڪ صدر سان گڏ هيون. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئربيس تي ترڪيه جي صدر جي آجيان ڪئي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي آمد تي سندس اعزاز ۾ 21 توپن جي سلامي به ڏني وئي، روايتي لباس پهريل اسڪول جي ٻارن ترڪ صدر کي ڀليڪار ڪيو. ملٽري بينڊ به روايتي انداز ۾ ترڪ صدر جي آجيان ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي هوائي حدن ۾ پاڪ  فضائيه جي جهازن فضائي آجيان ڪئي. پڌرائي موجب، پاڪ  ايئرفورس جي ايف 17 جهاز ترڪ صدر جي جهاز کي پنهنجي سڪيورٽي ۾ اسلام آباد آندو. ترڪ صدر رجب طيب اردگان دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون به ڪندو. وزيراعظم ۽ ترڪ صدر پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون به ٿينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون