تازه ترين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ نئين پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ نئين پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير مختلف پاسپورٽ ٺاهيندڙ ڪائونٽرن جو معائنو ڪري عملي سان ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي نادرا سينٽر ۾ قائم پاسپورٽ آفيس جي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي. محسن نقوي نادرا ميگا سينٽر ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان به ملاقات ڪئي ۽ سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. شهرين سهولتن جي فراهمي تي گهرو وزير جا ٿورا مڃيا. شهرين چيو ته زبردست سهولت ملي آهي، اوهان سندن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن. وفاقي گهرو وزير بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت بائيو ميٽرڪ ڪرائڻ لاءِ عورتن جا مسئلا ٻڌا ۽ موقعي تي ئي لاڳاپيل اختيارين کي حل لاءِ هدايتون ڪيون. پيرسن عورتن مسئلن جي حل لاءِ فوري حڪمن تي محسن نقوي جا ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪندي، شهري 24 ڪلاڪ پاسپورٽ ٺهرائي سگهندا، شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ سندن ذميواري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
40 %
2.5kmh
58 %
آچر
28 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون