- Advertisement -
تعليم کاتي حيدرآباد جي عورت ڊي اي او ۽ 8 ٽي اي اوز ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سبب سرڪاري ڪاروھنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي.
ڊي اي او پرائمري عظميٰ ڪمبوھ گواز عھديدارن ۽ ٽي اوز تي سندس آفيس کي اوطاق بڻائڻ جو الزام لڳايو آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي تي لڳايل الزامن جا تفصيل ھٿ ڪري ورتا آهن.
ڊي اي او عظميٰ ڪمبوهه اھڙي شڪايت ڊي او سيڪنڊري کي ڪندي چيو تھ قاسم مري، احمد آريسر ۽ امداد گوپانگ هن خلاف سازشون ڪري رھيا آھن.
هوڏانهن حيدرآباد جي سمورن ٽي اي اوز گڏجاڻي ڪري ڊي اي او جي رويي جي شڪايت گواز حيدرآباد کي لکت ۾ ڪري ڇڏي آهي.
ٽي اي اوز الزام ھنيو تھ عورت ڊي اي او مختلف بھانن سان ڏوڪڙ پھچائڻ جا مطالبا ڪري ٿي ۽ سندس رويو پڻ اڍنگو آھي.
ڊي اي او حيدرآباد عظميٰ ڪمبوھ سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو تھ پئسا وٺڻ جا الزام غلط آھن، گواز وارا آفيس کي غلط استعمال ڪري رھيا آھن.
هن چيو ته ويزا تي ويل ڪجهه ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي، ٽي اي او اقبال جمالي هن مٿان مڇرجي پيو آھي.
ٽي اي او قاسم آباد نظام پنھور ٻڌايو تھ آفيسرن کي گڏجي ويھي تڪرار نبيرڻ گھرجي، ڪجهه ٽي اي اوز کي شڪايتون ضرور آھن.
گواز عھديدار امداد گوپانگ سنڌ ٽي وي کي ٻڌايو تھ ڊي اي او عظميٰ ڪمبوھ هنن تي نشو ڪرڻ جا الزام لڳايا ۽ بدتميزي ڪئي آھي
هن چيو تھ ڊي اي او، ھڪ رٽائرڊ ڪلارڪ ڪريم خواجا ۽ استاد شارڪ کي آفيس جو ڪنٽرول ڏئي ڇڏيو آھي.
ذريعن موجب ٻنھي ڌرين ۾ اصل تڪرار گزيٽيڊ آفيسرن جي تنظيم اندر گروپ بندي جو نتيجو آھي.
معاملو سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي او سيڪنڊري سڀني کي سڏائي ورتو آهي.- Advertisement -
