ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تنقيد جي سياست ختم ڪري ترقي جي سياست ڪرڻي آهي، ڪراچي شهر کي وڌيڪ يرغمال بڻجڻ نه ڏنو ويندو، ڪراچيءَ کي هر روز هڪ نئون منصوبو ڏنو ويندو، سڀاڻي وڌيڪ ٻن منصوبن جو افتتاح ڪيو ويندو، شهرين جا حق منصوبن جي صورت ۾ موٽائي رهيا آهن.
ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ۾ ڀٽائي ڪالوني ۾ پارڪ جو افتتاح ڪرڻ بعد ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي شهر جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان آهي، هو اختيارن جو راڳ نه ڳائيندا نه ئي فائل اڇلائيندا.
سندس چوڻ هو ته چئن ورهين ۾ رڳو ڪم ٿيندو، جتان هو ڪامياب ناهن ٿيا تي به ڪم ڪري رهيا آهن، ڪراچي شهر کي هر روز هڪ نئون منصوبو ڏيندا.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته سڀاڻي وڌيڪ ٻن منصوبن جو افتتاح ڪيو ويندو، شهرين جا حق منصوبن جي صورت ۾ موٽائي رهيا آهن.
هن چيو ته شهر ۾ جتي به غيرقانوني هائڊرينٽ آهن ڪارروائي ٿيندي، مافيا سان ويڙهه ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته تنقيد جي سياست ڇڏي ترقي جي سياست تي ڌيان ڏيڻو آهي، ڪراچي شهر سڀني جو آهي شهر کي وڌيڪ يرغمال بڻجڻ نه ڏنو ويندو.